پاڪستانسنڌ

ٽنڊوباگو ۾ هڏاڇڙ شاخ جي پڇڙ جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي ڌرڻو

ٽنڊوباگو: اڪرم واھه مان نڪرندڙ هڏاڇڙ شاخ جي سوين آبادگارن سي اين جي پمپ کان ٽنڊوباگو پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري ٽنڊوباگو جهڏو روڊ تي پريس ڪلب چوڪ اڳيان ڌرڻو هنيو، خبر موجب ٽنڊوباگو ۾ هڏاڇڙ شاخ جي پوڇڙ جي سوين آبادگارن پاران هڏاڇڙ شاخ تي غيرقانوني واٽرڪورسن ۽ بااثر زميندارن پاران پوڇڙ جي آبادگارن جو پاڻي چوري ڪرڻ خلاف سي اين جي پمپ کان عبدالڪريم بليدي، اعجاز ھاليپوٽو، عطا اللہ بليدي جي اڳواڻي ۾ هڏاڇڙ شاخ تي رينجرز ۽ ايريگيشن پاران هلندڙ آپريشن جي حق ۾ پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب چوڪ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. جتي سوين ماڻهن کي جي يو آئي جي اڳواڻ قاري عبدالواحد فاروقي، عبدالڪريم بليدي، گل حسن بليدي، نور احمد ھاليپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هڏاڇڙ شاخ جي منڍ جا بااثر زميندار پوڇڙ جي آبادگارن جي حصي جو پاڻي چوري ڪري رهيا آهن.

جنھن خلاف آبپاشي جي عملي رينجر سان گڏجي غيرقانوني واٽرڪورسن خلاف آپريشن ڪيو ته منڍ جي پاڻي چور زميندارن آپريشن ۾ رنڊڪون وجهڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. هن آبپاشي ۽ رينجرز جي پاڻي چوري خلاف آپريشن جي حمايت ڪندي گهر ڪئي ته هڏاڇڙ شاخ جي پوڇڙ تائين بنارعايت جي پاڻي چوري خلاف آپريشن مڪمل ڪري هڏاڇڙ شاخ تي 67 غيرقانوني واٽرڪورسن کي بند ڪري پوڇڙ تائين پاڻي پهچايو وڃي. هوڏانهن هڏاڇڙ شاخ تي غيرقانوني واٽرڪورسن خلاف آپريشن دوران بند ڪيل واٽر ڪورس 7 اي ايل زوري کولڻ ۽ آبپاشي عملي کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ، سرڪاري ڊيوٽي ۾ رخنو وجهڻ جو ٽنڊوباگو ٿاڻي تي شاخ جي داروغي علي نواز ملاح جي فرياد تي امان اللہ ھاليپوٽو، اياز سهتو، رسول بخش ھاليپوٽو، صديق سهتو، ڪنڊو سهتو، محرم ھاليپوٽو سميت 101 نامعلوم ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button