جهرڪ: ٽنڊوحافظ شاهه ويجهو فصل جي ڀيل تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل، 5 ڄڻا زخمي، خبر موجب جهرڪ ٿاڻي جي حد ٽنڊوحافظ شاهه ويجهو ٻن ڌرين ۾ فصل جي ڀيل تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور رورل هيلٿ سينٽر جهرڪ پهچايو ويو، جتي هڪ زخمي محمود دل زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. جنهن بعد اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪرڻ لا ميڊيڪل آفيسر نه هئڻ سبب مقتول جا وارث لاش سول اسپتال مڪلي ٺٽو کڻائي ويا.
جڏهن ته ايمبولينس به نه هئڻ ڪري لاش سوزوڪي جي ڊالي ۾ وجهي ٺٽي روانو ڪيو ويو. جڏھن ته زخمين علي دل، غلام مرتضيٰ، وزير علي، سڪندر ۽ جمال الدين کي جهرڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو پر ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته هڪ ڏينهن اڳ هڪ رڍ ڪمند جي فصل ۾ پوڻ تان ٻارڙن جي منهن ماري ۽ وڙھڻ تان وڏن ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن کي معززين بروقت ٽاري ڇڏيو. جهيڙي جي جهرڪ ٿاڻي تي اين سي داخل هئڻ باوجود ٻئي ڏينهن زميندار حسن دل منصوبي تحت پنهنجن ماڻھن سان اسان تي حملو ڪرائي، مڙس ماريو آھي، هوڏانهن مقتول جي وارثن اڃا تائين ڪيس داخل نه ڪرايو آھي، سندن چوڻ هو ته لاش جي تدفين بعد ايف آئي آر داخل ڪرائينداسين.