مري: مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جيڪو ڪري رهيو آهي، اهو فساد آهي، جنهن کي روڪڻ جهاد آهي ۽ هو اسٽيبلشمينٽ ۾ ان نمبر کي ڳولي رهيو آهي، جيڪو تبديل ٿي ويو آهي. مريم نواز مري ۾ خيبر پختونخوا سوشل ميڊيا ٽيم جي ميمبرن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو وطن هن وقت وڏي ڏکيائي ۾ آهي، گذريل حڪومت معيشت کي تباهه ڪيو، عمران خان آءِ ايم ايف جي هٿان پاڪستان کي گروي رکي ويو، قسم کڻي چوان ٿي ته پاڪستان جي معيشت هن وقت وينٽي ليٽر تي آهي. سندس موجب جڏهن کان لانگ مارچ ناڪام ٿيو عمران خان جي چهري تي مايوسي آهي، مون عمران خان کي صلاح ڏني ته اهڙي حالت ۾ ٻاهر ناهي اچبو، ننڊ جون ٽِڪيون کائي آرام ڪبو آهي، عمران خان پاڻ اعتراف ڪيو ته منهنجي ماڻهن وٽ هٿيار هئا، ان اعتراف کانپوءِ ان کي سياسي سرگرمي چوڻ جو ڪو جواز ناهي، جڏهن توهان وٽ هٿيار هئا ته توهان ڪهڙي نيت سان وفاق تي حملو ڪيو ها؟ زبير نيازي جي گھران ايترا هٿيار نڪتا ڄڻ هو جنگ لاءِ وڃي رهيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close