لاهور: لاهور جي سيشن عدالت وڪيلن تي تشدد جي ڪيس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور جي سيشن عدالت ۾ تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ دوران وڪيلن تي مبينا تشدد خلاف داخل درخواست تي شنوائي ٿي. تحريڪ انصاف جي وڪيل اڳواڻ حيدر مجيد ايڊووڪيٽ طرفان درخواست ڏني وئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو ته راڻا ثناءُ الله جي چوڻ تي پوليس وڪيلن تي تشدد ڪيو. ايڊيشنل سيشن جج ميان مدثر عمر بودله درخواست تي فيصلو ٻڌائندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌايو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close