شھدادپور: شھدادپور ويجهو جڳ مشهور صوفي شاعر، مانجهائي جماعت جي سرواڻ صوفي راڳي مانجهي فقير جي والد صوفي در محمد فقير جو 19 هون ساليانو عرس احترام سان ملهايو ويو. عرس جو افتتاح صوفي شاعر مانجهي فقير مزار تي چادر چاڙهي صوفي راڳ سان ڪيو. عرس جي موقعي تي سياسي، سماجي شخصيتن، قومپرست اڳواڻن، اديبن، شاعرن، صحافين، تصوف جي پرچار ڪندڙن مانجهائي جماعت جي عقيدمندن شرڪت ڪئي. جن ۾ ايم اين اي نويد ڏيرو، غلام الله خان سنجراڻي، نصرالله خان سنجراڻي، محمد افضل خان سنجراڻي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، سميع الله سنجراڻي، اديب عاجز منگي، سالم ابڙو، اسلم ميمڻ، ايڊووڪيٽ سنيل ڪمار، محمد حسين سنجراڻي، ولي محمد شاهھ، مير حسن مري، شاد علي منگي، مختلف درگاهن جي گادي نشينن جي ايم ڏاهري، خير شاھه، جانڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوفياڻي محفل جو شروعات شاهھ لطيف ڀٽائي جي درگاهھ جي راڳين لطيف جي وائي سان ڪئي، جنهن بعد مانجهائي جماعت جي سنگ سميت سنڌ جي مختلف درگاهن جي صوفي ويراڳين فقير خالد ڀٽي، رجب فقير، فقير غلام رباني چانڊيو، فقير رضا محمد بروهي ۽ ٻين صوفياڻي محفل ۾ پنهنجا سر وکيريا ۽ ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close