اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ادارن خلاف ڳالهائڻ تي ايمان مزاري خلاف داخل ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست تي پوليس ۽ ڪيس جي فريادي کي 9 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله، ايمان مزاري خلاف ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست تي شنوائي ڪئي. پٽيشنر ايمان مزاري پنهنجي وڪيل زينب جنجوعا سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي ۽ تحريري بيان جمع ڪرايو. زينب جنجوعا ايڊووڪيٽ چيو ته پٽيشنر جي ماءُ کي کنيو ويو هو، هوءَ اسٽريس ۾ هئي. پاڪستان آرمي بابت ڪا ڳالهه ئي نه ڪئي ته ڏڦيڙ پکيڙڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.چيف جسٽس چيو ان ۾ توهان لکيو آهي ته جنهن بيان جي بنياد تي ڪيس ٿيو، اهو غير اداري طور تي هو. توهان ته واضح لکيو آهي ته هوءَ اسٽريس ۾ هئي ۽ هن هڪ خدشي جو اظهار ڪيو هو. ڇا توهان جاچ ۾ شامل ٿي پوليس کي اهي ڳالهيون ٻڌايون آهن؟ زينب جنجوعا ايڊووڪيٽ چيو ته جاچ ۾ شامل ٿي پوليس کي سوالن جا جواب ڏئي ڇڏيا آهن. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته ان بيان کانپوءِ ته اداري کي پنهنجي شڪايت به واپس وٺڻ گهربي هئي، اسان درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ٿا ڪيون. ڪيس جي وڌيڪ شنوائي 9 جون تائين ملتوي ڪئي وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close