اسلام آبادپاڪستانعالمي

عالمي برادري ۽ افغان حڪومت وچ ۾ رابطن جي ضرورت آهي:بلاول ڀٽو

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو بين الاقوامي برادري ۽ عبوري افغان حڪومت وچ ۾ مسلسل رابطي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪ حڪومت جي ثابت قدم حمايت ۽ اصولي موقف تي ترڪي جا ٿورائتا آهيون. اهڙو اظهار هن ترڪي جي دوري جي موقعي تي انقره ۾ ترڪ پرڏيهي وزير ميولودچائوش اولو سان ملاقات ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان مطابق ترڪي جي دوري جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ ترڪ پرڏيهي وزير وچ ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير مهمان نوازي تي پنهنجي ترڪ هم منصب جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ٻطرفا لاڳاپا پيار ۽ محبت تي ٻڌل آهن، جيڪي ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوام هڪٻئي لاءِ رکي ٿو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن مختلف عنوانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ جاري تعاون جو جائزو ورتو. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل ۽ اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ مفيد طريقيڪار طور ڪم ڪندا رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان هلندڙ سال جي آخر ۾ ترڪي ۾ اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي اجلاس جو منتظر آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون. پرڏيهي وزير پنهنجي ويجهي دوست ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ سلامتي لاءِ ترڪي جي تعاون کي ساراهيو. افغانستان بابت پرڏيهي وزير افغانستان ۾ امن استحڪام ۽ ترڪي جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي براداري ۽ عبوري افغان حڪومت وچ ۾ مسلسل رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو. ياد رهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ترڪي جي سرڪاري دوري تي وزيراعظم شهبازشريف سان گڏ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button