حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن کي سنڌ ۾ بلدياتي اميدوارن کي زبردستي ھٿ کڻائڻ جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پيپلزپارٽي، سردار ۽ جاگيردار اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق کي لتاڙي مخالف اميدوارن کي زبردستي ھٿ کڻائي رھيا آھن. حيدرآباد ۾ آر اوز کي تبديل ڪيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي اليڪشن مينيج ڪرڻ لا سرڪاري مشينري استعمال ڪري رھي آھي.
اياز لطيف پليجي چيو ته 14 سان کان پ پ حڪومت اربين روپين جي ڪرپشن ڪري سنڌ کي کنڊر بنائي ڇڏيو آھي. ماڻھن کي پيئڻ جو پاڻي به نٿو ڏنو وڃي. زراعت تباھه آھي، بک ۽ بدحالي جي ڪري ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته پ پ، (ن) ليگ اقتدار جي لالچ ۽ ڪرپشن ڪيسن کان بچڻ لاءِ ايم ڪيو ايم سان نون يونٽن جي نالي ۾ سنڌ ٽوڙڻ ۽ ڪراچي، حيدرآباد سميت وڏا شهر دھشتگردن حوالي ڪرڻ جا معاھدا ڪيا آھن.