پاڪستانسنڌ

شانگلا واسي جعلي ڊوميسائيل ٺهرائڻ تي گرفتار، ڪيس داخل

ڪوٽڙي: تعليم واري سيڪريٽري اڪبر لغاري نوٽيس ورتو، جنهن بعد ڄامشورو ضلعي جو جعلي ڊوميسائل ٺهرائي ماستري جو آرڊر وٺندڙ شانگلا واسي اسرار علي تي تعليم کاتي جي عملدار علي حيدر مڱڻ جي فرياد تي ڪوٽڙي ٿاڻي تي جعلسازي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته شانگلا واسي اسرار علي ڪوڙي ايڊريس ڄاڻائي ڄامشوري ضلعي جو ڪوڙو ڊوميسائيل ٺھرائي تعليم کاتي ۾ استادن جي جاين ۾ اپلا ڪيو، جاچ پڙتال بعد ھن جو ڊوميسائيل جعلي نڪتو آھي، جنھن ڪري ڪيس داخل ڪرايو آھي. ٻئي پاسي ڪوٽڙي پوليس ڪول مائنز ۾ ڇاپو هڻي شانگلا واسي نوجوان اسرار علي کي گرفتار ڪري ورتو. ياد رهي ته يونين ڪائونسل منظور آباد مان سوات جي شانگلا جي رهواسي اسرار پٺاڻ کي ضلعي جو ڊوميسائيل ٺاهي ڏيڻ واري مامري تي ايڊووڪيٽ فهيم احمد انڙ طرفان عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي، جنهن جي شنوائي 8 جون تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button