پاڪستانسنڌ

ڪوٽڙي ۾ نوجوان ناري تحفظ لا ايس ايس پي آفيس پهچي وئي

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي جي علائقي ڳوٺ سعيد خان گوپانگ جي رهواسڻ نوجوان ناري اقصيٰ ڪوريجو تحفظ لا ايس ايس پي آفيس پهچي وئي. ان حوالي سان ناري جي پي غلام محمد ڪوريجو ٻڌايو ته منھنجي نياڻي پنھنجي امڙ جي وفات کانپو پنھنجي ماسي جي گھر رھندي ھئي، جنهن کي ماسي پيرسن سان شادي لا دٻا وجهندي هئي ۽ تشدد به ڪندي هئي، جنهن ڪري هو تحفظ لا ايس ايس پي آفيس پهتي آهي، اهڙي شڪايت ڪمپلين سيل کي پڻ ڪئي آهي. هن چيو ته زبيدا گوپانگ بااثر ھئڻ ڪري ٽيليگراف پوليس ساڻ گڏجي رات دير اسان جي گھر ۾ ڪاهھ ڪري گھرڀاتين تي تشدد ڪري منھنجي ڌي اقصي ڪوريجو کي زبردستي وٺي پوليس ڪسٽڊي ڪرايو آھي، پوليس به هنن جي ڌر بڻيل آهي. هن ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪندي چيو ته سندس نياڻي کي ڪورٽ ۾ پيش ڪري سندس بيان ورتو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button