ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ پورھيتن جو فيڪٽري آڏو پگھارن ۾ واڌ لا احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورھيتن خالق ساريو، شھريار گوپانگ، محمد طارق، عرفان ۽ ٻين چيو ته مل انتظاميا پورھيتن جي حقن تي ڌاڙو ھڻي ويٺل آھي، سنڌ حڪومت جي اعلان باوجود 25 هزار پگهار نه پئي ڏني وڃي، 8 ڪلاڪن جا صرف 16 هزار اجورو ڏنو پيو وڃي. هنن اختيارين کان نوٽيس جي اپيل ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close