پاڪستانسنڌ

ڇور ڀرسان پرڻيل عورت مبينا اغوا، بااثر شخص تي الزام

عمرڪوٽ: ڇور ڀرسان پرڻيل عورت کي بااثر مبينا طور اغوا ڪري ويو. وارثن احتجاج ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو. ان سلسلي ۾ ڇور ڀرسان ڳوٺ شهيد فقير امين مڱريو مان مبينا طور عورت مونڪي زال ڀڳڙو ڪولهي کي اغوا ڪيو ويو آهي، جنهن جو الزام فقير غلام علي مڱريو مٿان لڳايو ويو آهي. ناري جي وارثن عورت جي بازيابي لا احتجاج ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته مونڪي کي بازياب ڪرايو وڃي. ٻئي پاسي عورت جي اغوا جو پيرپاڳاري نوٽيس ورتو ۽ پنهنجي پرسنل سيڪريٽري خان محمد مهر کي هدايت ڪئي ته جلد ڇوڪري بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button