فريدآباد: فريدآباد ۾ گندگي ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف دڪاندارن ۽ واپارين شفيق احمد چنا، علي گوھر چنا، صابر حسين چنا، فدا حسين چنا، عبدالفتاح گائينچو، حفيظ ڏيرو، سجاد ڏيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ يونين ڪائونسل آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ھنن چيو ته فريدآباد ننڌڻڪو بڻجي ويو آهي، يونين ڪائونسل جي آفيس کي 4 سالن کان تالو لڳل آهي، يوسي فريدآباد جي بجيٽ ڪاغذي ڪارروائي ۾ ھڙپ ڪئي وڃي ٿي، پر ڊي سي دادو مختيارڪار ميھڙ نوٽيس وٺڻ لا تيار ناھن، جيڪڏهن شھر جي صفائي نه ڪرائي وئي ته مختيارڪار ۽ اي سي ميھڙ آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو. ھوڏانھن سماجي اڳواڻ جڙيل چانڊيو يوسي سيڪريٽري خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو پڻ اعلان ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close