اسلام آباد : سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ لاءِ اڳواٽ درخواست واپس ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪئي. اعتراض ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ هن معاملي تي اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي. درخواست گذار پاران لاڳاپيل فورم سان رجوع ناهي ڪيو ويو. اعتراض ۾ چيو ويو ته درخواست ۾ لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪرڻ جو سبب ناهي ٻڌايو ويو. درخواست جي پيرا 4، 5، 12 ۽ 14 ۾ تڪراري معاملن کي اٿاريو ويو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آئي پاران اسلام آباد جي احتجاج لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close