اسلام آباد : سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي بيان جي سخت مذمت ڪندي چيو ته عمران خان جي تقرير نفرت تي ٻڌل آهي. جيڪا آئين ۽ ملڪ جي خلاف آهي راءِ جو اظهار نه آهي. ملڪ کي ورهائڻ ۽ خدا نه ڪري ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ دشمن جي زبان آهي. عمران صاحب جا بيان آئين جي خلاف آهن. خميس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جا بيان وفاق تي حملو آهي، وفاق تي حملي جو اعلان ادارن جي تباهي ۽ ايٽمي پروگرام کسجي وڃڻ جي ڳالهه دشمن ڪري ٿو. هن چيو ته عمران خان جي ان حالت جي تقرير ٽي وي تي نشر نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جا ٽڪرا ڪرڻ جو اعلان ڪندڙ هر هڪ زبان ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي. هن چيو ته عمران صاحب جي ملڪ خلاف بيانن تي قوم جو ردعمل روڪڻ ممڪن نه ٿيندو. هن چيو ته عمران صاحب نه پر فارن فنڊنگ ڳالهائي رهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close