پاڪستانسنڌ

لياقت جتوئي جي سياسي تڏا ويڙهه شروع ٿي وئي آهي: عرفان لغاري

راڌڻ: اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي جو ويجھو ساٿي ۽ اڳوڻو صوبائي صلاحڪار منظور خان چانڊيو پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ پ ايم اين اي عرفان ظفر لغاري، ايم پي اي انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو ۽ اعجاز علي چانڊيو چيو ته لياقت جتوئي جي سياسي تڏا ويڙهه شروع ٿي وئي آهي، عوام مخالفن کان بيزار ٿي پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري رهيو آهي، مخالفن کي بلدياتي اليڪشن ۾ اميدوار ۽ ايجنٽ نه ملندا، بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ پ ميدان ماري سوڀاري ٿي عوام جي خدمت ڪندي. ان موقعي تي پ پ پ ۾ شموليت ڪندڙ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار منظور خان چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته پ پ پ عوامي خدمتن تي يقين رکي ٿي، پ پ پ جي پليٽ فارم تان عوام جي خدمت ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button