اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

حڪومت مهانگائي ماريل عوام تي پيٽروليم ۽ بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو/تيل اگهن ۾ 30 رپيا اضافو

اسلام آباد :وفاقي حڪومت مهانگائي ماريل عوام تي پيٽروليم ۽ بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 30 رپيا في لٽر واڌ ڪري ڇڏي. جڏهن ته بجلي جي قيمت ۾ 7 رپيا 91 پئسا في يونٽ تائين واڌ جي به منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس ڪندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 30-30 رپيا في لٽر واڌ جو اعلان ڪيو. مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 30 رپيا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جو هڪ لٽر 209 رپيا 86 پئسا ٿي ويو آهي. ڊيزل جي قيمت ۾ به 30 رپيا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي، ڊيزل جي نئين قيمت 204 رپيا 15 پيسا ٿي ويندي. ناڻي واري وزير چيو ته لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ به 30 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 178 رپيا 31 پئسا في لٽر ٿي وئي آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 26 رپيا 38 پئسا واڌ ڪئي پئي وڃي، جنهن کانپوءِ اها 181 رپيا 94 پئسا ٿي وئي آهي. هن چيو ته قيمتن ۾ واڌ باوجود حڪومت لائٽ ڊيزل تي 8 رپيا، پيٽرول تي 9 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 23 رپيا نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اسان کي اندازو آهي ۽ سمجهون ٿا ته ان فيصلي سان غريبن جي تڪليفن ۾ اضافو ٿيندو پر هن وقت سڄي دنيا ۾ پيٽروليم شين جا اگهه وڌي رهيا آهن. حڪومت سڄي سال غريبن کي رليف ڏيڻ لاءِ کنڊ 70 رپيا في ڪلو ۽ اٽو 40 رپيا في ڪلو وڪرو ڪندي رهندي. مفتاح اسماعيل چيو ته هن وقت حڪومت يوٽيلٽي اسٽورن تي گيهه ۽ تيل تي 100 رپيا سبسڊي ڏئي رهي آهي. جڏهن ته چانورن ۽ دال تي به سبسڊي ڏني پئي وڃي. ٻئي طرف نيپرا پڻ هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي جي قيمت ۾ 7 رپيا 91 پئسا في يونٽ تائين واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيپرا ان منظوري کانپوءِ فيصلو حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ حڪومت طرفان اگهه وڌائڻ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. پڌرائيءَ موجب نيپرا جو سراسري ٽيرف 16 ڏهائي 91 رپين مان وڌائي 24 ڏهائي 82 رپيا في يونٽ مقرر ڪيو ويو آهي. ٽيرف وڌڻ جو بنيادي سبب رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي آهي. ان کانسوا ڪيپيسٽي لاڳت ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ مهانگو ٿيڻ آهي. نيپرا چيو آهي ته توانائي جي خريداري جي قيمت 1152 ارب رپيا هجڻ جو امڪان آهي. اين ٽي ڊي سي ۽ ايڇ وي ڊي سي سان گڏ ڪيپيسٽي لاڳت 1366 ارب رپيا آهي. ڊسڪوز جي ڪُل روينيو جي لاڳت تقريبن 2805 ارب رپين هجڻ جو امڪان آهي. نيپرا موجب ميپڪو، پيسڪو، گيپڪو، حيسڪو، ڪيسڪو، ٽيسڪو کي 5 سالن جي مدي ۾ ڊسٽريبيوشن سسٽم ۾ انويسٽمينٽ پروگرام لاءِ تقريبن 406 ارب رپين جي سيڙپڪاري جي اجازت ڏني آهي. ڊسڪوز جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن لاسز کي به 13 ڏهائي 46 سيڪڙو مان گهٽ ڪري 11 ڏهائي 70 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. نيپرا جو چوڻ آهي ته مقرر ڪيل ٽيرف وفاقي حڪومت جي نوٽيفڪيشن لاءِ موڪليو ويو آهي. ميپڪو، پيسڪو، گيپڪو، حيسڪو، سيپڪو، ڪيسڪو ۽ ٽيسڪو مالي سال 21-2020 کان 25-2024 تائين ملٽي ايئر ٽيرف لاءِ درخواستون ڏنيون هيون. پنهنجي پڌرائيءَ ۾ نيپرا چيو آهي ته آئيسڪو، ليسڪو ۽ فيسڪو منظور ٿيل ملٽي ايئر ٽيرف موجب سالياني ايڊجسٽمينٽ جون درخواستون ڏنيون هيون، اٿارٽي فيصلن ۾ مالي سال 23-2022 جو ٽيرف مقرر ڪيو آهي. ٻئي طرف بجلي صارفين تي 10 ارب 54 ڪروڙ رپين جو اضافي بار وجهڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان حوالي سان پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن. ان حوالي سان بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين درخواستون جمع ڪرايون آهن. پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين نيپرا کي جمع ڪرايل درخواست موجب هلندڙ مالي سال جي ٽئين ٽه ماهي لاءِ ايڊجسٽمينٽ جي درخواست ڪئي آهي. پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي درخواست جي شنوائي 15 جون تي ٿيندي. ٽسڪو 4 ڏهائي 34 ارب رپيا وصول ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. پيسڪو جي مالڪن کي 70 ملين رپيا، گيپڪو کي 1 ڏهائي 97 ارب رپيا وصول ڪرڻ جو چيو ويو آهي. آئيسڪو 1 ارب رپيا ايڊجسٽمينٽ جي درخواست ڪئي آهي، ميپڪو 1 ڏهائي 80 بلين رپيا ۽ حيسڪو 1 ارب 91 ڪروڙ رپيا گهريا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button