حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. حيدرآباد، ميرپورخاص، بينظيرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻا ڊويزن ۾ 16 کان 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. اسپتالن ۾ بجلي نه ھجڻ ڪري مريض سخت پريشان آھن. آپريشن نٿا ٿي سگھن، ڪيترن ئي سالن ۽ مھينن کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نٿا ڪيا وڃن. جتي سڙيل ۽ خراب ٽرانسفارمر تبديل ڪيا وڃن ٿا، اتي وري ٽرانسفارمر ٽرپ ڪيا وڃن ٿا. فوري طور تي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.
حيسڪو ۽ سيپڪو فوري طور تي خراب ٽرانسفارمر تبديل ڪري نوان ٽرانسفارمر لڳايا وڃن. هن چيو ته بجلي جي چوري ۾ ملوث عملي ۽ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاھيندڙ عملو ۽ عملدار بجلي جا وڏا چور آھن، انھن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو وڃي ۽ لٽيل پئسو واپس ورتو وڃي، بجلي سستي ٿيڻ سان چوري بند ٿي ويندي.