پاڪستانسنڌ

تلهار ۾ اي ايس آئي جي زيادتين خلاف پيرسن جوڙي جو احتجاج

تلھار: تلھار جي اي ايس آئي سڪندر ناهيون جي زيادتين خلاف پيرسن ڳوٺاڻي زال ۽ ٻارن سميت احتجاج ڪيو، پيرولاشاري جي رھواسي پيرسن ڏاڙھون پنهنجي زال ۽ ٻارڙن سميت اي ايس آئي سڪندر ناهيون جي زيادتين خلاف عوامي پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي چيو ته منھنجي پٽ سجاد عرف گل تي ڪو به ڪيس وغيره نه ھو، بااثر منشيات فروشن مشاھد ٽالپر ۽ زڪريا چانڊيو جي چوڻ تي اي ايس آئي سڪندر ناهيون ونگار وھي ھڪ سفينا پڙي ۾ گرفتار ڪري مٿس 12 گٽڪن جي ٿھيلين جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري اسان مٿان ظلم ڪري ڇڏيو آھي، جيڪا سرار پوليس گردي آھي، ھوڏانھن اي ايس آئي سڪندر ناهيون رابطي ڪرڻ تي ٻدايو آھي ته منشيات فروشن زڪريا چانڊيو ۽ مشاھد ٽالپر جي سفينا ۽ ديسي گٽڪو سجاد عرف گل مين بس اسٽاپ تي وڪرو ڪري رھيو ھو جنھن کي ثبوتن ساڻ گرفتار ڪري ٽنھي جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي، جڏھن ته ھڪ گرفتار ڪيو آھي، ٻه منشيات فروش فرار ٿي ويا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button