اسلام آبادپاڪستان

پاڪ چين وچ ۾ لاڳاپن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ڪردار ادا ڪيو:بلاول ڀٽو

اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ منهنجي ناني ذوالفقار علي ڀٽي ڪردار ادا ڪيو، ستين سي پيڪ ميڊيا فورم لاءِ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو به ذوالفقار علي ڀٽو جي ويزن کي اڳتي وڌايو، سڀني مشڪل حالتن خاص طور ڪرونا وائرس جي عالمگير وبا دوران چين پاڪستان سان تعاون ڪيو. بلاول ڀٽو چيو ته چين پاڪستان کي ڪرونا وائرس وبا کي روڪڻ لاءِ مفت ويڪسين ۽ اوزار فراهم ڪيا.جڏهن ته پاڪ چائنا سي پيڪ ميڊيا فورم کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پاڪستان چين جي وچ ۾ 71 سالا اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ چين مشڪل حالتن جا دوست آهن، ذوالفقار علي ڀٽو چين پاڪستان لاڳاپن جو معمار آهي. هن چيو ته بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري چين جي دوري تي ويا، مارچ 2013ع ۾ گوادر پورٽ کي چين جي تعاون سان آپريشنلائيز ڪيو ويو. سي پيڪ جي ذريعي انفرااسٽرڪچر ۽ عوامي ڀلائي جا ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا ويا، راجا پرويز اشرف چيو ته وچ اوڀر، آفريقا ۽ يورپ سان رابطاڪاري لاءِ گوادر پورٽ اهم آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ سي پيڪ منصوبن جي جلد پڄاڻي جي حوالي سان دلچسپي وٺي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ان حوالي سان پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، خاص طور بلوچستان ۽ عام طور تي سڄي خطي ۾ سي پيڪ منصوبي جي ذريعي خوشحالي ايندي، سي پيڪ کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته ميڊيا جي به ذميداري آهي ته هو سي پيڪ جي حوالي سان جعلي خبرن کي جاءِ نه ڏي، ٻنهي ملڪن جي ميڊيا کي هڪٻئي سان مثبت خبرن جي مٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ته جيئن سي پيڪ جي حوالي سان غلط خبرن ۽ پروپيگنڊا جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اهو سي پيڪ هڪ فلنگ منصوبو آهي ۽ موجوده حڪومت ان کي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button