اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان کي يوڪرين ۾ جاري جنگ جي حوالي سان شديد خدشا آهن:حنا رباني کر

اسلام آباد :پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اميد ظاهر ڪئي آهي ته يوڪرين جي عوام موجوده بحران مان جلد نڪرندي، پاڪستان يوڪرين ۾ جاري جنگ جي حوالي سان شديد خدشا رکي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه خميس ڏينهن يوڪرين کي امدادي سامان موڪلڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم آهن، جنگ جي ڪري يوڪرين ۾ وڏي انگ ۾ شهري بي گهر ٿي چڪا آهن، يوڪرين جي هر ممڪن مدد جاري رکنداسين. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته امدادي سامان يوڪرين جي عوام سان پاڪستان جو يڪجهتي جو اظهار آهي. ان موقعي تي يوڪرين جي سفير چيو ته يوڪرين جي عوام کي هن وقت جنگ درپيش آهي، مشڪل وقت ۾ مدد تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان پاران امدادي سامان جي ٻي کيپ يوڪرين موڪلي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button