اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي بيان تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف عمران خان جي بيان جي مذمت ڪندي چيو ته مان هن وقت ترڪي ۾ معاهدا ڪري رهيو آهيان ۽ عمران نيازي ملڪ خلاف کليل ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان کي عوامي عهدي تان نااهل قرار ڏيڻ لاءِ ڪنهن ثبوت جي ضرورت آهي ته ان جو تازو انٽرويو ڪافي آهي، عمران خان پنهنجي سياست ڪري پر حدون نه اورانگهي ۽ پاڪستان کي ورهائڻ جي ڳالهه جي جرئت نه ڪري. وزيراعظم چيو ته اهو ڪهڙو مائينڊ سيٽ آهي ته مون کي وزيراعظم بڻايو نه ته مان جنگ ڪندس؟ اهو بيان نه پر ملڪ ۾ انارڪي ۽ ورهائڻ جي باهه ڀڙڪائڻ جي سازش آهي، قوم ڪنهن به قيمت تي اهڙن ڪڌن ارادن کي قبول نه ڪندي ۽ نه ئي ٿيڻ ڏيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close