چيلھار: چيلھار کان ڪنري ڏانھن ويندڙ روڊ تي چيلھار شھر ويجھو ئي نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو، رهواسين جي اطلاع تي پوليس پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ ورتو ۽ جيب ۾ پيل شناختي ڪارڊ تي ڀيرو مل ولد مالو ذات ڪولھي ويٺل ستون ميل ڍوڍارو لکيل ھو، پوليس مائٽن سان رابطو ڪري اطلاع ڏنو. ٻئي پاسي چوٻول آھن ته نوجوان ستون ميل ۾ ڀاڄي جو ريڙھو ھلائيندو ھو، جتان ھڪ ڏينھن اڳ ۾ گم ٿي ويو هو، مائٽن جي ڳولا باوجود ھٿ نه آيو، جنھن جو لاش چيلھار ويجھو ٽنگيل ھٿ آيو. ياد رھي ته نوجوان پڙھيل لکيل ٻڌايو وڃي ٿو ۽ عمر اٽڪل 19 سال ٻڌائي وڃي ٿي. مائٽن جو چوڻ آهي ته اسان گهر ۾ به خوشحال آهيون، ڀيرو مل تازو ئي امتحانن ۾ سٺي پوزيشن حاصل ڪئي هئي ۽ ڏاڍو خوش هو، اسان جو ڪنهن تي به ڪو شڪ ناهي، اسان جي برادري جا ٿورا گهڻا مسئلا آهن، جنهن ڪري اسان لڏپلاڻ ڪري ٻي پاسي وڃي ويٺاسين، هتي اچي خودڪشي ڪرڻ واري ڳالهه سمجھه ۾ نٿي اچي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close