ڊگھڙي: ڊگھڙي ڀرسان ٽنڊو غلام علي روڊ تي ڳوٺ مير محمد ٽالپر ۾ ميگهواڙ برادري جي گهرن کي اوچتو باهھ لڳي وئي، جنهن سبب 20 گهر سڙي ويا، جن ۾ گانگو ميگهواڙ، لڇمڻ ميگهواڙ، راجيش ميگھواڙ، والو ميگهواڙ، تيرٿ ميگهواڙ، موتي ميگهواڙ، امولڪ ميگهواڙ، جسونت ميگهواڙ، پريم ميگهواڙ، کٽو ميگهواڙ، ٽلو ميگهواڙ، ساجن ميگهواڙ ۽ ٻين رهواسين جا گهر شامل آهن، گهرن ۾ پيل کٽون، هنڌ بسترا، سون ۽ چاندي جا زيور، روڪ رقم، ڪڻڪ، قيمتي سامان سڙي ويو. باهه ۾ 15 ٻڪريون ۽ هڪ ڍڳي سڙي مري وئي. اطلاع تي ڊگهڙي ۽ ٽنڊو جان محمد کان فائربرگيڊ جون گاڏيون پهتيون، پر باهھ تي ضابطو نه آڻي سگهيون. ڳوٺاڻا خالي هٿين سر بچائي گهرن کان ٻاهر نڪري سگهيا، اکين اڳيان پنهنجا گهر ۽ سامان سڙندي ڏسي مرد، عورتون ۽ معصوم ٻار هنجون هاريندا رهيا. ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد باھه تي ضابطو آيو. هوڏانهن پ پ ايم پي اي مير طارق علي خان ٽالپر واقعي تي افسوس جو اظھار ڪندي هر ممڪن جي مدد جي خاطري ڪرائي ۽ پنهنجي نمائندي اميدوار چيئرمين يوسي صوفن شاهھ زونو خان نوحاڻي کي باهھ متاثرن وٽ اماڻيو، جنهن ٿيل نقصان جا تفصيل ورتا. هن چيو ته باھگ متاثرن جي واهر ڪئي ويندي، باھه ۾ 2 ڳوٺاڻا ٽلو ۽ تيرٿ ميگهواڙ معمولي زخمي ٿيا، جن کي پوليس تعلقي اسپتال آندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close