پاڪستانسنڌ

تيل ۽ عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽايا وڃن:جي يو آئي اڳواڻ لطيف رند

ڊگهڙي: موجوده حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻي ناهي سگهي، ان ڪري سرڪار کي استعيفى ڏيڻ گهرجي. جي يو آئي ضلعي ميرپورخاص جي سرپرست ۽ اڳوڻي ڪائونسلر قاري عبداللطيف رند پريس ڪلب ڊگهڙي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت پيٽرول جون قيمتون نه وڌائڻ جي اعلان سميت ملازمن جي پگهارن ۾ 5 هزار رپيا واڌ، زرعي ڀاڻ جي في ٻوري جي قيمت ۾ 350 رپيا گهٽائڻ واري ڪيل اعلانن تان يوٽرن ورتو آهي. مهانگائي عوام جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي، مسڪين ڏهاڙي وارو مزدور طبقو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته عوام کان جيئڻ جو حق کسيو وڃي پيو، زرعي ڀاڻ جون قيمتون چوٽ چڙهيل آهن، جنهن ڪري آبادگار سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته پيٽرول سميت انساني زندگي جي ضرورتن جي سمورين شين جا اگهھ گهٽايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button