اسلام آباد :حڪومت پيٽروليم شين وارن اگهن ۾ واڌ کانپوءِ 35 کان 40 هزار رپيا ڪمائيندڙ کي ٽرانسپورٽ لاءِ ٻه هزار رپيا وظيفو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته 35 کان 40 هزار رپيا ڪمائيندڙ کي پنهنجي ٽرانسپورٽ لاءِ ٻه هزار رپيا وظيفو ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو آهي ته هڪ رپئي جو بار به غريب تي نه پوڻ ڏينداسين. هن وقت هر 6 مان 4 خاندانن جي آمدني 37 هزار کان گهٽ آهي. هر غريب خاندان کي پنهنجون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ 2 هزار ڏنا پيا وڃن. 40 هزار رپين تائين جي آمدني وارن غريب فردن کي سهولت ڏئي رهيا آهيون ته جيئن هو پنهنجي مرضي سان اها رقم خرچ ڪري سگهن. مملڪتي وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي ويب سائيت تي عمران خان جو معاهدو اڄ به پيو آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ پيٽروليم شين جا جيترا اگهه وڌائڻا هئا اهي وڌائي ڇڏيا آهن. هڪ سوال جي جواب هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ختم ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ تڏهوڪي توانائي واري وزير هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ روس سان واپاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ پيٽروليم شين واري شعبي ۾ واپار جي درخواست ڪئي وئي هئي پر ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ نه ڪو معاهدو آهي ۽ نه ئي ڪنهن مفاهمت جي يادداشت تي صحيحيون ٿيون آهن. جيڪڏهن 30 سيڪڙو سستو تيل ملي رهيو هو ته پي ايس او جي ٽينڊر ۾ ڇو نٿو اچي؟ پاڪستان کي بربادي ۽ تباهي کان بچائڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪيا آهن. دنيا جو ڪو اهڙو ملڪ نه آهي جيڪو مهانگو پيٽرول خريد ڪري سستو وڪرو ڪري. حڪومت 40 هزار رپين کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي سبسڊي ڏئي رهي آهي. ساليانو 2500 ارب رپين جي سبسڊي برداشت نٿي ڪري سگهجي. معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ ڪجهه مهينا لڳندا. روس کان سستو تيل خريد ڪرڻ لاءِ ڪوئي معاهدو ۽ ايم او يو موجود نه آهي. هن چيو ته نه ان وقت جي توانائي واري وزير جي خط جو جواب روس ڏنو ۽ اسان جي سفير جڏهن روس جي توانائي واري وزير سان ملاقات ڪئي ته ان ان ڏس ۾ ڪو به جواب نه ڏنو. مصدق ملڪ چيو ته عمران خان طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڏنل سبسڊي جي قيمت اڄ قوم ادا ڪري رهي آهي. عمران خان جيڪا سبسڊي ڏني، ان جي منظوري ڪنهن کان نه ورتي، اسان ليوي ناهي وڌائي، ان جو بار اسان کنيو. جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون نه وڌايون ها ته معيشت ٻڏي وڃي ها. هن چيو ته اڄ نه پيٽرول شين تي ليوي آهي ۽ نه سيلز ٽيڪس آهي. قيمت خريد به پوري وصول نه پئي ڪئي وڃي. مشڪل فيصلا نه ڪرڻ هن وقت ملڪ ۽ عوام سان ناانصافي ٿيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close