اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آئي لانگ مارچ جي سلسلي ۾ وزيراعظم سميت ٻين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي درخواست اڻ ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏي. درخواست گذار وڪيل ڪلثوم خالق درخواست ۾ وزيراعظم شهبازشريف ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي، جنهن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله اڻ ٻڌڻي جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت درخواست گذار کان سوال ڪيو ته سپريم ڪورٽ ڪٿي چيو آهي ته ايف آئي آر درج نه ٿيندي. عدالت وڪيل ڪلثوم خالق کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪيئن متاثر آهيو. درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته مان وڪيل آهيان، هتي اسلام آباد ۾ به ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. 25 مئي تي رات 8 وڳي پي ٽي آئي ڪارڪنن جي خلاف 19 ڪيس داخل ٿيا آهن. حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. وڪيل ڪلثوم خالق شنوائي دوران موقف اختيار ڪيو ته ضلعي انتظاميا سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪيس داخل ڪيا آهن. چيف جسٽس اطهر من الله درخواست گذار وڪيل ڪلثوم خالق کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي خلاف ڇا ٿيو آهي، ڇا ڪوئي ڇاپو لڳو آهي. احتجاج ضلعي انتظاميا جي اجازت کان وٺي ڪرڻو پوي ٿو ۽ سپريم ڪورٽ هن معاملي کي اڪلائي چڪي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close