اسلام آبادپاڪستان

جهانگير ترين خلاف اربن جي گهپلن جا ڪيس جاچ هيٺ آهن:ايف آءِ اي

اسلام آباد :وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) به سپريم ڪورٽ ۾ هاءِ پروفائيل ڪيسن بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ ڪيسز ۽ رڪارڊ جي محفوظ هئڻ بابت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. ايف آءِ اي جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف، پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز تي مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ چالان جمع ٿي چڪو آهي. جڏهن اڃا به پڇاڳاڇا جاري آهي. جڏهن ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز تي اڃا تائين فرد جرم لاڳو ناهي ٿيو. ايف آءِ اي طرفان هاءِ پروفائيل ڪيسز جي حوالي سان عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته جهانگير ترين خلاف شوگر ملز ۾ گهوٻين جا ڪيئي ڪيس جاچ هيٺ آهن. هڪ ڪيس ۾ 4 ارب 30 ڪروڙ ارب، ٻئي ڪيس ۾ 2 ارب 20 ڪروڙ رپين جي گهوٻين جو الزام آهي. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين ۽ علي ترين ڄاڻايل ڪيسز ۾ جوابدار آهن. ايف آءِ اي جي جواب ۾ وڌي چيو ويو آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سليمان شهباز، ملڪ مقصود ۽ طاهر نقوي روپوش آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button