راڌڻ: راڌڻ لڳ ڳوٺ مسو ساهڙ واسي بيواھه گلشاد زال مرحوم پوليس ڪانسيٽبل محمد عيسيٰ ساھڙ پنھنجي ٻارن سان گڏ صحافين اڳيان احتجاج ڪري چيو آهي ته منهنجو مڙس محمد عيسيٰ ساھڙ پوليس لائين دادو ۾ ڊيوٽي ڪـندو ھو، جيڪو 8 مھينا اڳ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو ھو، جنھن جي پگھار ۽ پينشن 8 مھينن کان اسان کي نه ملي آهي، ايس ايس پي آفيس جو ڪلارڪ ديدار جمالي رشوت گھري ٿو ۽ نه ڏيڻ تي گھٽ وڌ ڳالهائي آفيس مان ڪڍي ڇڏي ٿو، هن مهانگائي واري دور ۾ ٻچن جو پيٽ پالڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. ھن آ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي دادو کي اپيل ڪئٔي ته اسان جي حال تي رحم ڪري کي 8 مھينن جي پگهار ۽ پينشن ڏياري وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close