پاڪستانسنڌ

موجوده حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي: ثمر حيدر جتوئي

حيدرآباد: سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي پاران گڏيل جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ويو آهي ته موجوده حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، آ ايم ايف جي اشارن تي هلندڙ حڪومت عوام دوست ٿي نٿي سگهي، موجوده شهباز حڪومت پنهنجي پاليسن ۾ بري طرح ناڪام ٿي آهي، عوام مٿان هڪ هفتي اندر پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جا اگهه مهنگا ڪرڻ توڙي عام واهپي جي شين کي عوام پهچ کان پري ڪري ڇڏيو آهي.

ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان برپا ٿي چڪو آهي، غريب پورهيت، هاري، مزدور مسڪين جو جيئڻ مشڪل ٿي ويو آهي، هن موجوده صورتحال ۾ حڪومت جي هلڻ جو ڪو جواز ناهي، سنڌ هاري ڪاميٽي مطالبو ٿي ڪري ته وزيرن، مشيرن، بيوروڪريٽ کي ڏنل سرڪاري مراعتون واپس ورتيون وڃن ملڪ ۾ جي بجيٽ جو وڏو حصو عوام کي سسبدي لا رکيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button