چوهڙجمالي: کاروڇاڻ تعلقي جي ساحلي پٽي جا ماڻھو پاڻي جي کوٽ خلاف روڊن تي اچي ويا، ماڇڪي ناليۡ جي پوڇڙ جي آبادگارن ۽ رهواسين پاڻي جي کوٽ خلاف پيادل مارچ ڪري احتجاج ڪيو. کاروڇاڻ تعلقي جي ساحلي پٽي جي پوڇڙ جي علائقن جي رهواسين ۽ آبادگارن پاران پاڻي جي شديد کوٽ ۽ ماڇڪي نالي کي پڪو نه ڪرڻ خلاف امير بخش جت، احمد شاهه، عارب ڀتڙ، سليمان شاھه، مهتاب شاھه ۽ احمد ننڍڙو جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن ۽ رهواسين موسى واھه تائين پيادل مارچ ڪري سخت احتجاج ڪيو. احتجاج دوران ننڍڙن ٻاڙڙن قميصون لاهي ماڇڪي نالي جي پيٽ ۾ تري انوکو احتجاج ڪيو.
ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته اسان پوڇڙ جي ماڻھن کي سدائين پاڻي جي سلسلي ۾ نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، پاڻي جي کوٽ سبب اسان جون زمينون بنجر بڻجي ويون آھن، انسان توڙي چوپايو مال اڃ سبب تڙپي رهيو آھي، پاڻي جو جيڪو زرو ملي ٿو اهو منڍ جا آبادگار لفٽر مشينون لڳائي کڻي وڃن ٿا، جنهن جي ڪري اسان کي پاڻي جو ڦڙو به نٿو ملي، پاڻي نه هجڻ ڪري ساحلي پٽي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي ويئي آھي. هنن مطالبو ڪيو ته ماڇڪي ناليۡ ۾ پاڻي ڇڏي ناليۡ کي پڪو ڪرايو وڃي.