اسلام آباد :سرڪاري ملازمن جي ترقي ۽ مقرري کي آءِ ايس آءِ جي رپورٽ سان مشروط ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايس آءِ کي اسپيشل ويٽنگ ايجنسي جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اعليٰ سرڪاري ملازمن جي ترقي ۽ مقرري آءِ ايس آءِ جي رپورٽ سان مشروط هوندي. اسٽيبلشمنٽ ڊويزن وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ ايس آءِ سمورن سرڪاري آفيسرن جي اسڪريننگ ڪندي ۽ حڪومتي عهدي تي مقرري کان پهريان آءِ ايس آءِ اسڪريننگ رپورٽ ڏيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close