اسلام آباد :سينيٽ ۾ اپوزيشن پئٽرول جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف علامتي واڪ آئوٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪيو. وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيندي ئي اپوزيشن ميمبرز سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس اڳيان احتجاج ڪيو، جنهن دوران نعريبازي به ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين وارننگ ڏني ته جيڪو ميمبر پنهنجي سيٽ تي واپس نه ويندو، ان جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏيندس. سينيٽ چيئرمين جي وارننگ کانپوءِ اپوزيشن ميمبرز سيٽس تي واپس وڃي احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪندا. پي ٽي آءِ سينيٽر شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف موجوده حڪومت کي ڏنڊا هڻڻ شروع ڪيو آهي. حڪمران عوامي مفادن ۾ آءِ ايم ايف اڳيان بيهي نه سگهيا. ڪالهه سينيٽ ۾ مخالف ڌر پيٽروليم مصنوعات ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافي خلاف واڪ آئوٽ ڪيو ۽ چيئرمين ڊائيس جو گهيراءَ ڪري نعريبازي ڪئي. سينيٽ چيئرمين جي بار بار روڪڻ باوجود مخالف ڌر ميمبر شور ڪندا رهيا، پنهنجي سيٽن تي بيهي رهيا. مخالف ڌر ميمبرن پنهنجي هٿن ۾ پلي ڪارڊ به کڻي رکيا هئا، جنهن تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نامنظور جا نعرا لکيل هئا. سينيٽ چيئرمين هر هر پنهنجي سيٽن تي واپس وڃڻ ۽ چيئرمين ڊائيس جي سامهون هٽڻ جي هدايت ڪندو رهيو پر مخالف ڌر ميمبرن نعريبازي ۽ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو. سينيٽر مشتاق احمد به پنهنجي سيٽ تي بيهي رهيو، هن چيو ته اها ڪهڙي مخالف ڌر آهي جيڪا مون کي ڳالهه ڪرڻ جو موقعو ئي نه ڏئي رهي آهي. اڄ اهي احتجاج ڪري رهيا آهن، ڪالهه پنهنجي حڪومت جي دور ۾ اهي ماڻهو به قيمتون وڌائي رهيا هئا. سينيٽر دنيش ڪمار به سينيٽر مشتاق احمد جي سيٽ تي پهچي ويو ۽ چيو ته مخالف ڌر کي سينيٽر مشتاق احمد کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. احتجاج جو اهو طريقو ٺيڪ نه آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته اڄ کانپوءِ جيڪڏهن ڪو به ميمبر لائين ٽپندو ته ان کي معطل ڪيو ويندو. احتجاج ڪرڻو آهي ته پنهنجي سيٽن تي ڪن. هن سينيٽر فيصل جاويد کي چيو ته جيڪڏهن توهان نعريبازي ڪئي ته آئون ان جي خلاف ميمبرشپ جو معاملو اليڪشن ڪميشن تائين کڻي ويندس ۽ توهان کي ڪڍرائي ڇڏيندس. سينيٽ چيئرمين سينيٽر بهره مند تنگي کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان به منهنجي ڳالهه ٻڌي وٺو. قائد ايوان سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته سڄو ملڪ انهن جو احتجاج ڏسي رهيو آهي،انهن وٽ ته ڪورم نه آهي. اهي 12 ماڻهو ڪيئن ايوان هلائيندا. اسان عوام مان آهيون ۽ عوام ۾ رهنداسين. ايوان جي اجلاس دوران مخالف ڌر جي مسلسل احتجاج تي سينيٽ چيئرمين ڪاوڙجي ويو ۽ سينيٽر فيصل جاويد ان سان گِلا ڪئي ته مخالف ڌر ميمبرن کي ڳالهائڻ جو موقعو نه پيو ڏنو وڃي. چيئرمين چيو ته توهان پنهنجو احتجاج ڪندا رهو، ان دوران حڪومتي ميمبر تقريرون ڪندا رهندا. سينيٽ سينيٽر دنيش ڪمار کي تقرير جو موقعو ڏنو ته ان جي تقرير دوران به مخالف ڌر ميمبر نعريبازي ڪندا رهيا. اجلاس ۾ ڳالهائيندي مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر شهزاد وسيم چيو ته گذريل رات ملڪ تي پيٽرول جي قيمت وڌائي راتاهو هنيو ويو. اسان جي التوا واري رٽ کي پهريان وٺو، جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته پهريان سوالن وارو وقفو ڏسون ٿا پوءِ ان تي ڳالهايون ٿا. سينيٽر اعطم سواتي چيو ته چيئرمين ملڪ تباهه ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي اپوزيشن ايوان مان علامتي واڪ آئوٽ ڪيو. جڏهن ته قائد ايوان اعظم نذير تارڙ اپوزيشن کي واپس وٺي آيو. اجلاس دوران سينيٽ ۾ پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي اگهن ۾ واڌ تي سخت بحث ڪيو ويو. هن گهر ڪئي ته سمورا وزير اعلان ڪن اهي پنهنجي گاڏين ۾ سرڪاري پيٽرول نه ڀرائيندا. حڪومتي ميمبر پنهنجي کيسي مان پيٽرول ڀرائين. سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته هاڻي ثابت ٿي چڪو ته هي ماڻهو ٻاهرين سازش تحت آيا آهن. شوڪت ترين عوام لاءِ 466 ارب جو رليف ڏنو هو، موجوده حڪومت جيڪو ڪجهه ڪيو ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته ناڻي واري وزير گيهه جا اگهه وڌائڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو. اعظم نذير تارڙ چيو ته هن ايوان جي روايتن جي پاسداري ڪئي وڃي، هن ايوان کي جلسي گاهه نه بڻايو. هن چيو ته زبان اسان جي به سخت آهي، دامن اوهان جو به صاف نه آهي. اوهان آئي ايم ايف جي غلامي جو طوق وجهي ويا. آئي ايم ايف جا زنجير ٻڌي اوهان ايوان مان ڀڄي ويا. سينيٽر مشتاق احمد چيو ته پيٽرول ڊيزل ۽ بجلي اگهن ۾ واڌ عوام دشمني آهي. حڪومت وٽ زهر کائڻ جا پئسا نه آهن پر ٻاهرين دورن تي وڃي رهيا آهن. اخبارن ۾ ڪروڙين رپين جي ذاتي مشهوري لاءِ اشتهار ڏنا ويا. پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا هي پئسا توهان جي پيءُ جا هئا؟ 6 مهينن لاءِ سرڪاري گاڏين ۽ سرڪاري پيٽرول جي استعمال تي پابندي وڌي وڃي، جنهن کان پوءِ سينيٽ جو اجلاس سومر ڏينهن شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close