ملير/گهارو: اسحاق جوکيو ڳوٺ ۾ هڪ هفتو اڳ مارجي ويل ٽن ڳوٺاڻن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف گهارو ۽ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، خبر موجب ملير جي علائقي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد اسحاق جوکيو ڳوٺ ۾ هڪ هفتو اڳ مارجي ويل ٽن ڳوٺاڻن امتياز عرف بادشاهه جوکيو، جبار جوکيو ۽ انور جوکيو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف جوکيا ۽ ٻين برادرين جي سوين ماڻهن مير نواز جوکيو، پيپلز پارٽي اڳواڻ امداد جوکيو، نديم ساجد جوکيو، سماجي اڳواڻ سرور جوکيو، عمران جوکيو، الطاف جوکيو، ارشد جوکيو، ڊاڪٽر عبدالحنان جوکيو، حاجي الهڏنو جوکيو حسين بخش جوکيو، گل جاويد، سماجي اڳواڻ يعقوب خاصخيلي، فريد بلوچ، احمد گوندر، ايس ٽي پي اڳواڻ غلام محمد بلوچ، عبدالشڪور گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته واقعي کي هڪ هفتو گذرڻ باوجود ميمڻ ڳوٺ پوليس بيگناهه قتل ڪيل ٽن ڳوٺاڻن جي ڪيس ۾ نامزد ڪيل مک جوابدارن روشن حيدري، اصغر حيدري ۽ ٻين کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪابه سنجيده ڪوشش ناهي ورتي، اڳواڻن چيو ته واقعي ۾ ملوث مک جوابدارن جو تعلق گينگ وار سان آهي، انهن کي گرفتار ڪرڻ ۾ پوليس ڪوبه اپاءُ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ ساڻن ٻٽ بڻيل آهي، اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ٽن ڳوٺاڻن جا قاتل گرفتار ڪيا ويا ته ٻن ڏينهن بعد سپر هاءِ وي، نيشنل هاءِ وي ۽ لنڪ روڊ مڪمل طور تي بند ڪيو ويندو. هوڏانهن پريس ڪلب گهارو اڳيان فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير جاويد جوکيو، سهيل شھزاد جوکيو، جسقم اڳواڻ اياز شاھه، عمران ٿهيم، سانول سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ويئي.