اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي من گهڙت الزامن تي دهلي جي عدالت مان سزا جي خلاف گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو. پرڏيهي وزير والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني قبضي، ڳڻتي واري صورتحال کان آگاهه ڪيو. خط ۾چيو ويو ته ڀارتي عدالت من گهڙت، ڪوڙن الزامن تي داخل ڪيس ۾ ياسين ملڪ کي سزا ٻڌائي. حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي بيماري جي باوجود جيلن ۾ بي رحماڻو ورتاءُ ڪيو ويو. ياسين ملڪ جي قيد، من گهڙت الزامن تي ڪيس بدنيتي تي ٻڌل سزا ڀارتي ناپاڪ ارادن کي ظاهر ڪري ٿي. ڀارت جي ڪوشش آهي ته ڪشميرين جي جائز جدوجهد آزادي کي دهشتگردي تحت پيش ڪيو وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت پنهنجي بين الاقوامي قانوني ذميوارين کي مڪمل نظرانداز ڪيو. ياسين ملڪ سان ورتاءُ ڪشميرين، ڪشميري قيادت کي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوششن جو حصو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته خطروآهي ته ياسين ملڪ کي حراست هيٺ قتل نه ڪيو وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته جنرل سيڪريٽري، اقوام متحده ٺهرائن مطابق ڪشمير تڪرار جو پرامن حل ڪرائين. سيڪريٽري جنرل ڀارت جي مقامي ڪشميري قيادت کي نشانو بنائڻ جو فوري نوٽيس وٺي ۽ ڀارتي قيد مان بنا دير آزاد ڪيو وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت، اقوام متحده سلامتي ڪائونسل ٺهرائن مطابق حق خود اراديت ڏي، ڀارت والاريل خطي ۾ انساني حقن جي لتاڙ بند ڪري.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close