پاڪستانپنجاب

عوام جي پريشانين جو احساس آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ بهتري ايندي: مريم نواز

لاهور: مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف عوامي ردعمل جي شدت گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو آهي ته اسان کي عوام جي مسئلن ۽ پريشانين جو احساس آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته حڪومت ڏکين معاشي حالتن ۾ به پوري محنت ۽ ڌيان سان عوام کي ريليف ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته لوڊشيڊنگ گهٽائڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف وڏي ڪوشش ڪري رهيو آهي. مريم نواز خاطري ڪرائيندي چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ بهتري ايندي. اڳوڻي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف معاهدي تي تنقيد ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان دور جا ظالماڻا معاهدا اڄ به قوم مهانگي پيٽرول ۽ مهانگي بجلي جي صروت ۾ ڀوڳي رهي آهي. مهانگائي گذريل چئن ورهين ۾ عوام جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي، مريم نواز چيو ته حڪومت ملڪ جا معاشي بنياد مضبوط ڪري رهي آهي، ن ليگ ئي هڪ دفعو وري عوام کي ريليف فراهم ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button