بدين: بدين ۾ ڳوٺ اَي سي چڪ جي رهواسين احسان عمراڻي، غلام حسين عمراڻي، ڪريم عمراڻي ۽ ٻين بدين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي ته پلاٽ جي تڪرار تان هڪ مهينو اڳ پوليس اهلڪار غلام رسول عمراڻي تي جوابدارن عرس، اقبال ۽ چاڪر عمراڻي ڪھاڙين سان حملو ڪري سخت زخمي ڪيو هو.
جنهن جو ڪيس کوسڪي ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي پر کوسڪي جو ايس ايڇ او سياسي ڀوتارن جي ونگار وهندي ڪيس خارج ڪري رهيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته اسان ايس ايس پي بدين کي پڻ ايس ايڇ او کوسڪي خلاف شڪايت ڪئي پر انصاف نه ٿيو آهي، جڏهن ته سخت زخمي پوليس اهلڪار جي هن وقت به اسپتال ۾ حالت نازڪ آهي.هنن مطالبو ڪيو ته کوسڪي جي ايس ايڇ او خلاف سخت ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.