کورواھه: کورواهه ۾ ڳوٺ محمد ٻاڪڙ جي رھواسڻ حڪيمان زال واحد بخش ٻاڪڙ کورواھه پريس ڪلب پھچي الزام هڻندي چيو آهي ته منھجي ڌي زرينه کي سندس مڙس امير ٻاڪڙ، سھري احسان ٻاڪڙ ۽ ڏيرن گلمير ۽ علي محمد ٻاڪڙ گھر ۾ سخت تشدد ڪري پٽيون ھڻي مٿو ڦاڙي گھر ۾ قيد ڪري ڇڏيو آھي، جيڪي علاج لا به نٿا ڇڏين ۽ مون کي ڌي سان ملڻ به نٿو ڏنو وڃي، ھن مطالبو ڪيو ته منهنجي ڌي تي بلا جواز تشدد ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري منهنجي ڌي سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف کورواھه پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدارن جي گرفتاري لا پوليس ويل آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close