حيدرآباد: حيدرآباد جي مرزا پاڙي جي 5 ڏينهن کان بجلي بند ۽ حيسڪو پريٽ آباد طرفان بجلي جو نئون ٽرانسفارمر نه لڳائڻ سبب علائقي جا سوين رھواسي رستن تي نڪري آيا، حيدرآباد ۾ مرزا پاڙي ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان ڌرڻو هنيو ويو، جنھن سبب مين روڊ تي گاڏين جي اچ وڃ معطل ٿي وئي، مظاھرين حيسڪو پريٽ آباد خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاھرين جو چوڻ ھوته حيسڪو پريٽ آباد جي اختيارين جي نااھلي سبب بجلي جو ٽرانسفارمر نه لڳي سگھيو آھي، جنھن سبب علائقي جي بجلي بند ٿي آھي، سخت گرمي ۾ پريشان ٿي ويا آھيون علائقي ۾ پاڻي جي به سخت کوٽ ٿي وئي آھي، اھو سڀ ڪجھه حيسڪو جي نااھلي سبب ٿي رھيو آھي.
مظاهرو ڪندڙن حيسڪو جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته سندن مسئلي جو نوٽيس وٺي جلد ئي کين ٽرانسفارمر لڳائي ڏنو وڃي ته جيئن هو تڪليف کان بچي سگهن. هوڏانهن ڄامشورو روڊ تي واقع ڳوٺ محمد بخش شورو ۾ ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ خلاف شهرين احتجاج ڪندي چيو ته حيسڪو وارن رشوت جي ٻيگهي مچائي ڇڏي آهي، هنن چيو ته ڪافي ڏينهن کان علائقي ۾ ڊم بجلي ڏئي اوچتو فل بجلي ڏئي ٽرانسفارمر کي هٿ سان ساڙيو ويو آهي ۽ هاڻي حيسڪو وارا ٽرانسفارمر ٺهرائڻ جي بهاني هزارين روپين جي رشوت طلب ڪري رهيا آهن.