سن: سن ڀرسان ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي جي حد ۾ غيرقانوني ريتي ڌڪن جون تصويرون ڪڍڻ تان ٺيڪيدار “سنڌ ايڪسپريس” جي رپورٽر تي مڇرجي پيو ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون، جنهن خلاف صحافين دانهيندي ٻڌايو ته سن ٿاڻي جي حد ۾ غيرقانوني ريتي ڌڪا هلي رهيا آهن، پر اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، چار مھينا اڳ ڊائريڪٽر عمران ميمڻ غيرقانوني ريتي ڌڪا بند ڪرايا ھئا، جنهن بعد ٻيهر ٺيڪيدار پير بخش کوسو غيرقانوني ريتي جا ڌڪا قائم ڪري ڇڏيا آهن. هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته صحافي کي ڌمڪيون ڏيندڙ ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close