پاڪستانسنڌ

ڄام نواز علي جي شاخن ۾ پاڻي اڻلڀ، آبادگارن جو ڌرڻو

ڄام نواز علي: ڄام نواز علي ۾ ڄام برانچ مان نڪرندڙ ٻيراڻي ڊسٽري سميت نڪرندڙ ٽن شاخن ڀاڏر، سونهري ۽ مورياڻي شاخن ۾ واري اڏامڻ لڳي. هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجڻ لڳي. گذريل 3 مهينن کان هلندڙ ھٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن ڀاڏر شاخ جي ميران موري تي روڊ بلاڪ ڪري مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي زبردست نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي آبادگار اڳواڻ رسول بخش ڪٽوهڙ، محمد حسن ناريجو، نظام الدين ڪٽوهڙ ۽ ولي محمد ڪٽوھڙ ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته گذريل ٽن مهينن کان پاڻي جي لپ به نٿي ڇڏي وڃي، انسان توڙي جانور پاڻي جي ڍڪ لا تڙپي رهيا آهن، هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي چڪي آهي. ڪرپٽ ايس ڊي او ٽنهي شاخن ۾ هڪ لپ نه ڏئي سگهيو آهي. منڊ ۾ پاڻي لفٽ مشينين ذريعي وڪرو ڪري رشوت جي بازار گرم ڪيو ويٺو آهي، اسان کي اميد هئي ته رينجرس جي شاخن تي نگراني ڪرڻ سان پاڻي ٽيل تائين پهچي ويندو، پر ايس ڊي او ٽنڊوآدم 1 سراج ميمڻ پاڻي جي فراهمي لا هلندڙ آپريشن کي مڪمل طرح ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، ڇاپن دوران ايس ڊي او آپريشن جي آڙ ۾ زميندارن کان وڏي رشوت ورتي، ان ڪري ڪنهن هڪ به زميندار تي پاڻي چوري جو ڪيس داخل ناهي ٿيو. آبادگارن مطالبو ڪيو ته اسان جي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪري ايس ڊي او خلاف ڪيس داخل ڪري کيس هٽايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button