اسلام آباد: پاڪستان حڪومت طرفان ڪالعدم تحريڪ طالبان سان ڳالهين لاءِ ڪابل ويل 57 ميمبرن وارو جرڳو ڪنهن وڏي اڳڀرائي کانسواءِ واپس اچي ويو جڏهن ته اڻڄاتل مدي تائين سيزفائر تي اتفاق برقرار آهي. رپورٽ مطابق افغان طالبان جي ٽياڪڙي ۾ پاڪستان حڪومت ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي وچ ۾ ڪابل جي انٽر ڪانٽينينٽل هوٽل ۾ ٻن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ڳالهيون ختم ٿي ويون جنهن کانپوءِ پاڪستان حڪومت جو قبائلي اڳواڻن، سياستدانن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن تي ٻڌل 57 رڪني جرڳو واپس اچي ويو. جرڳي جي هڪ سينيئر ميمبر ڳالهائيندي چيو ته مجموعي طور تي ماحول تمام هاڪاري رهيو، ٽي ٽي پي جو پنهنجو نقطه نظر هو ۽ اسان پنهنجو موقف رکون ٿا ان ڪري ڊگها بحث ٿيا. هنن جي خواهش هئي ته خيبرپختونخوا سان انضمام ختم ڪري فاٽا جي پراڻي حيثيت بحال ڪئي وڃي. جرڳي جي سينيئر ميمبر ٻڌايو ته اسان سياسي ۽ فوجي قيادت سميت اهم اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري ۽ ڳالهه ٻولهه لاءِ ٽي ٽي پي کان ٽن مهينن جو وقت گهريو آهي ته جيئن انهن جي تحفظات کي آئيني فريم ورڪ جي اندر ختم ڪرڻ لاءِ تجويزون ترتيب ڏئي سگهجن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close