لاهور: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گرينڊ ڊائيلاگ ڪرڻو پوندو. لاهور ۾ انڊس اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ملڪ کي گرينڊ ڊائيلاگ جي سخت ضرورت آهي ۽ ان لاءِ اسان کي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گرينڊ ڊائيلاگ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سٺا ماڻهو ڪنهن به حڪومت سان گڏ ڪم ڪن ته ان کي سياسي رنگ نه ڏيڻ گھرجي، اسان کي پنهنجي پسند يا ناپسند کان مٿانهون ٿي ملڪي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻا پوندا، قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ذاتي انا کي مارڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته قرض تي رهندڙ ملڪ ڪيستائين جيئرو رهندو، هن وقت دنيا ۾ اسان کي سڀ کان اڳتي هجڻ گھرجي ها پر بدقسمتي سان اسان گھڻو پوئتي رهجي ويا آهيون. وزيراعظم چيو ته صحت ۽ تعليم تي ڪا سوديبازي نه ٿيڻ گھرجي، آءِ ٽي ۽ ٻيا شعبا آهن، جن ۾ پاڪستان سڀ کان اڳتي وڌي سگھي ٿو، معيشت مضبوط ڪرڻ لاءِ اگتي وڌڻو پوندو، ڇا 75 ورهين کانپوءِ به اسان سبق ناهي سکيو، هر شيءِ تي سياست ڪرڻي آهي؟ شهباز شريف چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت مونکي خبر آهي، ساڍا ٽي سال ملڪ ۾ جيڪو ٿيو، ان جو حساب وٺڻو آهي يا نه، يا رڳو مون کان حساب وٺڻو آهي، مان پنهنجي ٻن اڍائي مهينن جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close