اسلام آباد :ملڪ ۾ پاڻي جو بحران وڌڻ لڳو، هلندڙ سال پاڻي جي بحران 22 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. تربيلا ڊيم گذريل ڏيڍ مهيني کان خالي ۽ منگلا ڊيم ۾ پاڻي نه هجڻ برابر آهي. ان ڏس ۾ ايڪسپريس نيوز مطابق ملڪ ۾ پاڻي جي بحران 22 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. هن وقت صوبا 50 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. پاڻي ذخيرن ۾ پاڻي جي کوٽ 97 سيڪڙو ٿي وئي آهي. ان حوالي سان ارسا تفصيل جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دريائن ۾ 56 سيڪڙو گهٽ پاڻي اچي رهيو آهي. تربيلا ڊيم گذريل ڏيڍ مهيني کان خالي ۽ منگلا ڊيم ۾ پاڻي جو ذخيرو نه هجڻ برابر آهي. ارسا جي جاري ڪيل دستاويزن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته دريائن ۾ پاڻي جو ڪل وهڪرو هڪ لک 25 هزار ڪيوسڪ آهي. ان جي ابتڙ گذريل سال هنن ڏينهن ۾ دريائن ۾ پاڻي جو ڪل وهڪرو 2 لک 84 هزار ڪيوسڪ هو. ڊيم ۾ پاڻي جو ذخيرو هڪ لک ايڪڙ فوٽ بچيو آهي. گذريل سال ڊيمن ۾ پاڻي جو ذخيرو 35 لک ايڪڙ فوٽ هو. دستاويز مطابق سنڌ صوبي ۽ پنجاب کي 60 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي. جڏهن ته پنجاب صوبي جي پاڻي جي طلب هڪ لک 20 هزار ڪيوسڪ ۽ سنڌ صوبي جي پاڻي جي طلب هڪ لک 30 هزار ڪيوسڪ آهي.بلوچستان کي 15 هزار ۽ پختونخوا کي 3 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي. دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چناب درياهه ۽ جهلم سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا. جهلم درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ سبب منگلا ڊيم اڌ به نه ڀرجندو ۽ خدشو آهي ته منگلاڊيم ۾ ربيع مند لاءِ به پاڻي نه هوندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close