ٿاڻوبولاخان: ڪوھستان جي علائقي ڪرچات ويجھو ڳوٺ آيو خان رند ۾ پرڻيل عورت رشيدان زال فيض محمد رند کي مبينا طور هٿياربند حملو ڪري اغوا ڪري ويا، عورت ٻن ٻارن جي ما آهي، واقعي دوران پوليس پوسٽ ڪرچات کي تالا لڳل هئا ۽ عملو گم هو. هوڏانهن عورت جي وارث عورتن ۽ مردن پوليس پوسٽ ڪرچات اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورت جي مڙس فيض محمد، ڏير مير محمد ۽ ٻين چيو ته جوابدار منظور رند ھٿيارن جي زور تي گھر ۾ گھڙي زبردستي رشيدان کي اغوا ڪري مارڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close