شاهپورچاڪر: شاهپورچاڪر ۾ ڪجهھ ڏينهن اڳ پورهيت وزير شر کان ڄام صاحب روڊ تي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس نه ٿيڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ شر برادري جي ماڻھن وزير شر، ميرحسن (ملزم) شر، محمود رخشاڻي، حسين بخش عمراڻي، ڏاڏا حضور بخش ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري مقامي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته بلديات کاتي جي ملازم وزير شر کان هٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪل ڦر ڪئي وئي، جنهن جو ٿاڻي تي بروقت اطلاع ڏنو ويو، پر پوليس موٽرسائيڪل واپس ڪرائڻ بدران ڪوڙا آسرا ڏئي رهي آهي، پوليس ڪارروائي ڪرڻ بدران ٿاڻي تان به موٽائي ڇڏيو. جيستائين پوليس موٽرسائيڪل واپس نه ڪرائيندي، تيسيتائين روز احتجاج ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close