اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آئي طرفان گرينڊ ڊائلاگ رد،مهانگائي خلاف ملڪ گير احتجاج جو اعلان

اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ ڪور ڪميٽي جو اجلاس ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ وزيراعظم طرفان گرانڊ ڊائلاگ کي رد ڪندي استعيفائن جي تصديق لاءِ اسپيڪر سامهون پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.پي ٽي آءِ مهانگائي خلاف ملڪ گير احتجاج ۽ بجيٽ بعد حڪومت مخالف تحريڪ جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. لانگ مارچ سميت آئيندي جي سياسي حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي. لانگ مارچ جي حتمي تاريخ جو فيصلو نه ٿي سگهيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عام چونڊن کانسواءِ ڪنهن به آپشن تي ڳالهيون نه ٿينديون، جڏهن ته فوري طور تي لانگ مارچ نه ٿيندو. ڪميٽي اجلاس ۾ چيو ويو ته في الحال ملڪي معيشت سبب لانگ مارچ نه ڪيو وڃي پر ملڪ سڄي ملڪ ۾ ضلعي سطح تي احتجاج ڪيو وڃي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪور ڪميٽي معاشي صورتحال تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، هاڻي گئس جا اگهه به وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته شوڪت ترين اڳ چيو هو ته جيڪو منصوبو ٺاهيو پيو وڃي، اهو معاشي استحڪام خلاف آهي، گيهه جو اگهه 200 رپيا وڌي ويو آهي. هن چيو ته اسان سياسي حڪومت ۾ اهڙو عمل ڪڏهن به ناهي ڏٺو جنهن ۾ 25 مئي تي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻائن وارن خلاف تشدد جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، عورتن تي تشدد جي خلاف خاص ڪري پارليامينٽ جي ميمبرن خلاف احتجاج ڪيو ويندو. شاهه محمود قريشي چيو ته جڏهن پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت ٿي رهي آهي ته پوءِ اها خاموشي ڇو اختيار ڪئي وئي؟ پاڪستان جي محافظن کي گهرجي ته ان جو نوٽيس وٺن، اسان ڳالهين جا قائل آهيون پر اها حڪومت مڙهي وئي آهي ۽ جيڪي مسلط ڪيا ويا آهن، انهن سان ڳالهه ٻولهه ممڪن ناهي. ذريعن مطابق پي ٽي آئي قيادت بني گالا ۾ اهم ويهڪ ٿي، اجلاس ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ان حوالي سان ذريعن ٻڌايو ته ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ عدالتن ۾ داخل درخواستن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ٿي. لانگ مارچ بابت آئينده جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. پنجاب جي سياسي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ قانوني تجويزن تي غور ڪيو ويو. تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اجلاس کان اڳ فياض الحسن چوهاڻ ڪور ڪميٽي جي اجلاس لاءِ بني گالا پهتو ته کيس گيٽ تي روڪيو ويو، جنهن تي هو ناراض ٿيو ۽ ان کان پوءِ اتي شهباز گل پهتو. فياض الحسن چوهاڻ شڪايت ڪندي چيو ته ڪافي دير ٿي، هتي پهتو آهيان، اندر ئي وڃڻ نه پيو ڏنو وڃي. ڪافي دير کان فون ڪري رهيو آهيان ڪوئي جواب ئي نه پيو ڏي. ڪائي پاليسي ڏئي ڇڏيو جنهن کان پوءِ شهباز گل فياض الحسن چوهاڻ کي راضي ڪري پاڻ سان گڏ بني گالا وٺي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button