پاڪستانسنڌ

ڄامشورو ۾ دڪان تان لکين رپيا ڦر، شهرين جو جلوس

ڄامشورو: ڄامشورو شھر ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڀرسان ھول سيل دڪان تي ٽي نامعلوم ڦورن ڪاھه ڪري دڪان مالڪ عمران ملاح ۽ عملي کي يرغمال بڻائي ورتو ۽ لکين رپيا ڦر ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اطلاع تي واقعي واري هنڌ دڪاندار، واپاري ۽ شهري گڏ ٿي ويا، جن بعد ۾ جلوس ڪڍي ايس ايڇ او ڄامشورو رزاق ڪمانڊو ۽ ايس ايس پي جاويد بلوچ کي هٽائڻ جي نعريبازي ڪندي پريس ڪلب سامهون پل هيٺان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي متاثر عمران ملاح، اصغر ناريجو، عنايت الله قريشي، حميد تيوڻو ۽ ٻين چيو ته پوليس جي مڪمل طور نااهلي آهي، ڏينهن ڏٺي جو وچ شهر مان هٿياربند فائرنگ ڪري دڪاندارن ۽ شهرين کي يرغمال بڻائي آساني سان ڦر ڪندا رهن ٿا، پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ايس ايڇ او ڄامشورو کي هٽائي ڦريل رقم واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button