پاڪستان

اتر وزيرستان ۽ بنون ۾ فورسز جو آپريشن، 7 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: اتر وزيرستان ۽ بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي اتر وزيرستان جي علائقي حسن خيل ۽ بنون جي علائقي جاني خيل ۾ آپريشن ڪيا، سيڪيورٽي فورسز جي 2 مختلف آپريشنز دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جاني خيل بنون ۾ آپريشن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته اتر وزيرستان جي علائقي حسن خيل ۾ آپريشن دوران مارجي ويل دهشتردن جو انگ ٻه آهي. آپريشن دوران دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ گوليون ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ دهشتگردي جي وارداتن ۾ ملوث هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button