ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ ڪاٺ جي واڍي ڪندڙ پورهيتن گهٽ اجرت ملڻ ۽ 12 ڪلاڪ ڊيوٽي وٺڻ خلاف مظاهرو ڪيو. شھر جي المدينه ڪانٽي ڀرسان پورهيتن ڪاٺ سان ڀريل اٺ ۽ گڏھه گاڏيون ۽ ريڙھا روڊ تي بيهاري ڪاٺ رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ ٽائرن کي باهيون ڏئي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي واپارين ۽ ليبر کاتي جي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج سبب روڊ تي ٻنهي پاسن کان ٽرئفڪ جام ٿي وئي. ان موقعي تي پورهيت اڳواڻن راجا ملوکاڻي، لالو چوهاڻ، ممتاز ڀرڳڙي، انور ڪشميري، نادر جٽ ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته هڪ مهيني اندر 40 سيڪڙو کان وڌيڪ مهانگائي وڌي وئي آھي. تيل، بجلي ۽ گئس سميت عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن، پر اسان ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ ڪاٺ جي واڍي ڪندڙ پورهيتن جي اجرت ۾ واپارين، فئڪٽري ۽ آرا مشين مالڪن واڌ ناهي ڪئي، جنهن سبب پورهيتن جي گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي، اسان پنهنجي ٻارن کي 2 ويلا ماني کارائڻ لا به پريشان آهيون. ليبر قانون جي خلاف ورزي ڪندي اسان کان 8 ڪلاڪن بدران 12 ڪلاڪ ڊيوٽي ورتي وڃي ٿي، ليبر کاتي جا آفيسر فئڪٽري مالڪن ۽ واپارين سان ٻٽ بڻيل آھن، اسان جي حقن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن. هنن گهر ڪئي ته پورهيتن کان 8 ڪلاڪ ڊيوٽي وٺڻ سميت حڪومت پاران اعلانيل 25 هزار ماهوار اجرت تي عمل ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close